ڪراچي ۾ اومي ڪرون جهنگ جي باهه جيان پکڙجي رهيو آهي: ماهر

ڪراچي: صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي عالمي وبا جي پنجين لهر جي شروعات ڪراچي کان ٿي چڪي آهي، وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جو اومي ڪرون قسم جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي رهيو آهي

اختيارين موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون ويريئنٽ مان ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 7 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح صرف 40 سيڪڙو آهي جنهن ڪري ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

صحت جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي کانپوءِ ايندڙ نمبر لاهور جو آهي جتي اومي ڪرون سبب ڪيسن ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جي ڪميونٽي ٽرانسميشن شروع ٿي وئي آهي

ان حوالي سان ڊاڪٽر فيصل محمود جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي، اسپتالن ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ به اضافو ٿيندو

هن جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ تمام جلدي آهي ته ڇا اومي ڪرون قسم گهٽ خطرناڪ آهي، ياد رهي ته اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر به پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔