ويڪسين به بي اثر، اوميڪرون تمام وڏو عالمي خطرو قرار

جنيوا : صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ڪورونا وائرس جي نئين تبديل ٿيل شڪل اوميڪرون کي تمام وڏو عالمي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.

صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين تبديل ٿيل شڪل اوميڪرون دنيا جي 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پهچي چڪي آهي ۽ اهو تمام وڏو عالمي خطرو آهي.

ڊبليو ايڇ او موجب ان قسم جون به ڪيتريون ئي شاهديون مليون آهن ته ويڪسين جو تحفظ به ان خلاف ڪم نٿو ڪري پر ان جي شدت جي حوالي سان ڪلينڪل ڊيٽا اڃا تائين محدود آهي.

ان عالمي اداري طرفان جاري ڪيل ٽيڪنيڪي ڄاڻ موجب ڏکڻ آفريقا ۾ اهڙا ماڻهو اوميڪرون سان متاثر ٿيڻ جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪي ويڪسين لڳرائي چڪا آهن ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔