پاڪستان ٺاهيندڙن جي نسلن کي چيو پيو وڃي ته توهان اقليت ۾ آهيو: فاروق ستار

ڪراچي: ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کان زنده رهڻ جو بنيادي حق به کسيو پيو وڃي، انسانن جي ڪيٽيگري ۾ ڪراچي جي شهرين کي نٿو شامل ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته شهري سنڌ کي چيو ويندو آهي ته آدمشماري ۾ اوهان جي آبادي سدائين گهٽ هوندي آهي، مراد علي شاهه چوي ٿو اوهان ڳڻپ ۾ گهٽ آهيو، اوهان جو ڪو حق ناهي فيصلا اسان ڪنداسين.

هن چيو ته مراد علي شاهه اپوزيشن کي اقليت چئي ڇڏيو آهي، هن اها ئي ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا ذوالفقار مرزا استعمال ڪئي هئي، مراد علي شاهه جو مطلب ته اقليت خبردار رهي ۽ ڪجهه نه ڳالهائي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهڻ وارن جي نسلن کي چيو پيو وڃي ته اوهان اقليت آهيو، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم وارا سنڌ اسيمبلي ۾ ڪجهه گهڻو گوڙ ڪندا آهن.

فاروق ستار چيو ته پ پ وارن ڪراچي جي عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، ويتر هنن عباسي شهيد سميت ٻيون اسپتالون کسي ورتيون، تعليم به کسي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔