ٽيويهه مارچ تي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار پي ڊي ايم هوندي: شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارن کي چئي ڇڏيو آهي 23 مارچ تي پريڊ هوندي آهي، ان ڏينهن روڊ بند هوندا آهن، بد امني ٿئي ٿي ته ذميوار اهي پاڻ هوندا.

صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم وارن کي ٻڌايو آهي ته 23 مارچ تي سموريون فورسز پنهنجي مشينري سان گڏ روڊ تي هونديون، لانگ مارچ ۾ ڪنهن به بدنظمي جي ذميوار اپوزيشن هوندي.

هن چيو ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته 23 مارچ کان 3 ڏينهن اڳ ئي سمورا روڊ بند ڪيا ويندا آهن، مون چيو ته 30 مارچ تي اوهان هتي اچو، اوهان قانون کي هٿ ۾ کڻندئو ته قانون به اوهان ۾ هٿ نه وجهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔