پنجاب ۾ ساڍا 5 هزار ماڻهن کي عدالتن کان مٿانهون ٿي ماريو ويو: فواد چوڌري

لاهور:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۾ ساڍا 5 هزار ماڻهن کي عدالتن کان مٿانهون ٿي ماريو ويو، شهباز شريف جي دور ۾ 2 ڀاڱي 3 ماڻهو ايڪسٽرا جڊيشل ڪلنگ جو شڪار ٿيا.

هڪ تقريب سان خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان انگريزن جو ٺاهيل پوليس نظام تباهه ڪري ڇڏيو، بدقسمتي سان اسان وٽ پوليس ۽ عدالتي سڌارا نه ٿي سگهيا.

هن چيو ته پوليس نظام کي هيٺان کان مٿي تائين مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو اسان جي آئين ۽ قانون جو احترام ڪندو، ان جو قدر ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔