”گنجائپ“ جو قدرتي علاج دريافت، ماهرن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو

وارن کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ هر نسخي، ٽوٽڪي، دوائن ايتري تائين ته ماڻهو پنهنجي مٿي ۾ خطرناڪ ثابت ٿيندڙ انجيڪشنز به لڳرائيندا آهن پر پوءِ به وارن جي معاملي اڄ تائين ڪو به ماڻهو مطمئن ناهي ٿيو.
پر ماهرن هاڻي اهڙو نسخو ايجاد ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ڪنهن به انجيڪشن يا وري ٽرانسپلانٽ جي ضرورت نه پوندي ۽ گنجي پَن مان ڇوٽڪارو به حاصل ٿي ويندو.
ان حوالي سان ماهرن چيو آهي ته فرنچ فرائيز ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل وارن جي قدرتي طور تي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
اهو هڪ سيليڪان ۾ ملندڙ ڪيميڪل آهي جنهن کي Dimethylpolysiloxane جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.
ماهرن موجب تجربن دوران وارن جي ٻيهر ڦٽڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.
هنن چيو ته اهو ڪيميڪل تجرباتي طور تي وارن جي ٻيهر ڦٽڻ ۾ بهترين ثابت ٿيو پر اهو پنهنجو پاڻ وارن جي واڌ ويجهه جو سبب ناهي بڻبو.
ماهرن ان ڪيميڪل جي استعمال بابت اها ڳالهه راز ۾ رکي آهي ته انکي ڪهڙي ريت استعمال ڪري وارن کي ٻيهر ڦٽائي سگهجي ٿو، اهو به اندازو لڳايو ويو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪيميڪل اڳ ۾ موجود صحت ۽ وارن لاءِ فائديمند تيل ۾ گڏائي استعمال ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو هجي پر في الحال ماهرن ان ڳالهه کي ليڪ ناهي ڪيو ۽ انهن اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته تمام جلدي ان طريقڪار کي انساني وارن کي ٻيهر ڦٽائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔