عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪوئٽه: مير عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ عبدالقدوس بزنجو 39 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
وقتي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل ٻڌايو ته مير عبدالقدوس بزنجو جي حق ۾ 39 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. اپوزيشن بينچز مان ڪنهن به وڏي وزير جي چونڊ ۾ ووٽ رجسٽر نه ڪرايا ۽ راءِ شماري ۾ به حصو نه ورتو. مير عبدالقدوس بزنجو اجلاس ۾ بنا مقابلي بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. ڇو ته ايوان ۾ عبدالقدوس بزنجو کان علاوه ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا هئا.
قدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي سيٽ سنڀالي ورتي آهي. واضح رهي ته عبدلقدوس بزنجو وڏي وزير جي طور تي اڄ ئي عهدي جو حلف کڻندو. گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب شام 5 وڳي منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا عبدلقدوس بزنجو کان حلف وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔