فيس بوڪ سميت اهم رابطن واري ايپس جا نوان قانون، ٻارن جو استعمال محدود

فيس بوڪ طرفان پنهنجي قانونن ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن جنهن کانپوءِ هاڻي ننڍي عمر جي ٻارن کي فيس بوڪ هلائڻ لاءِ پنهنجي والدين کان اجازت گهربل هوندي.
رپورٽن موجب آسٽريليا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي فيس بوڪ يا انسٽاگرام لاگ ان ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ جي اجازت گهربل هوندي.
آسٽريليا جي قانونن موجب فيس بوڪ يا انسٽاگرام استعمال ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 13 سالن کان مٿي هجڻ ضروري آهي جنهن جي لاءِ هٿرادو ذهانت جو استعمال ڪيو ويندو.
قانون تحت واهپيدار ڪمپني مان پنهنجي ذاتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ۽ ڪنهن ڪمپني کي روڪي سگهندا ته اهي انهن جي ڄاڻ ڪنهن ٽئين ڪمپني کي نه ڏين.
جڏهن ته قانون واهپيدار کي اهو حق نه ڏيندو ته ڪمپني وٽان پنهنجي ڏنل ڄاڻ کي ڊليٽ ڪري سگهي.
ان ڄاڻايل قانونن تحت، اِي سيفٽي ڪمشنر کي اهو اختيار حاصل هوندو ته اهو آن لائن پوسٽ ڪيل عزت کي نقصان پهچائڻ واري مواد جي دعوائن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ سروس فراهم ڪندڙن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪري.
جيڪڏهن نوٽيس جاري ڪرڻ جي 48 ڪلاڪن دوران پوسٽ کي نه هٽايو ويو ته مواد پوسٽ ڪرڻ واري ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي عزت کي نقصان پهچائڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويندو.
واضح رهي ته اهڙا قانون فيس بوڪ، انسٽاگرام، ريڊٽ، اونلي فينز، بومبل، واٽس ايپ ۽ زوم تي به لاڳو ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔