سعودي عرب جي ايئرپورٽن تي حوثي باغين جا ڊرون حملا ناڪام

رياض :سعودي فضائيا طرفان سعودي عرب جي شهرن ابها ۽ جازان جي ايئرپورٽن تي حوثي باغين جي ڊرون حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.
سعودي ميڊيا موجب ابها ۽ جازان ايئرپورٽ تي حوثي باغين طرفان ڊرون حملا ڪيا ويا آهن.
سعودي ميڊيا وڌيڪ چيو ته سعودي ايئر ڊفينس حوثين جي بارودي ڊرون کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔