هانگ ڪانگ ۾ ماڻهن کي سمهارڻ واري بس سروس شروع

هانگ ڪانگ ۾ ماڻهن کي سمهارڻ واري بس سروس شروع ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هانگ ڪانگ ۾ اولو ٽورز ڪمپني پاران شروع ڪيل بس ۾ 47 مسافرسوار ٿي سگهن ٿا. اها بس ڪيڏانهن به نٿي وڃي رڳو شهر ۾ گهمي ڦري واپس اچي وڃي ٿي ۽ بي آرام ماڻهن کي ننڊ ڪرڻ جو پورو پورو موقعو ملي وڃي ٿو.
ڪمپني جي ترجمان موجب ڪجهه ماڻهو شهري زندگي مان بيزارٿيڻ سبب پوري ننڊ نٿا ڪن، اهي ماڻهو 15 کان 51 ڊالروارا ٽڪيٽ وٺي آرام سان ننڊ ڪري سگهن ٿا. ترجمان جو چوڻ هو ته ماڻهو پاڻ سان گڏ سامان به کڻي اچي سگهن ٿا. بس لاڳيتو 5 ڪلاڪ پرسڪون رستي تي هلندي رهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔