گهر ۾ نظربند شهري زال کان تنگ ٿي ٿاڻي پهچي ويو

روم: گهر ۾ نظربند شهري زال کان تنگ ٿي ٿاڻي پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اٽلي ۾ منشيات ڪيس ۾ سزا طور شهري کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، شهري ڪجهه ڏينهن گهر ۾ رهڻ بعد ڀڄي پوليس اسٽيشن پهچي ويو جٿي هن پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته زال مان تنگ اچي ويوآهيان انڪري نظربندي جا باقي رهيل ڏينهن جيل ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.
پوليس موجب اهو شهري منشيات ڪيس ۾ گهر اندر نظربندي واري سزا ڪاتي رهيو آهي ۽ هاڻي سندس سزا جا باقي ڪجهه سال بچيا آهن. پوليس موجب سندس بيان بعد کيس جيل اماڻيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔