فروٽ ۽ سبزيون کائڻ سان سڀ کان ڏکيو ترين مسئلو حل

هونئن ته فروٽ ۽ سبزي کائڻ جا فائدا ڪنهن کان به ڳجها ناهن شرط اهو آهي ته اهي پنهنجي وقت ۽ مخصوص مقدار ۾ استعمال ڪيا وڃن پر هاڻي هڪ تحقيق فروٽن ۽ سبزين کائڻ جو هڪ اهڙو ته فائدو ٻڌايو آهي جيڪو اڄ جي دور ۾ سڀ کان ڏکيو مسئلو آهي.
انسان پنهنجي زندگي ۾ ڇا ڇا نٿو ڪري؟ ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته هڪ ڀيرو ملندڙ زندگي ۾ ايتري محنت آخر ڇاجي لاءِ ڪجي ٿي؟
يقينن توهان جي ذهن ۾ خيال ايندو هوندو ته پنهنجون خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ، پنهنجي زندگي ۾ سولايون پيدا ڪرڻ لاءِ، ڏکئي وقت مان گذرڻ لاءِ، ڀلا ڪڏهن سوچيو آهي ته خواهشن جي پوري ٿيڻ ۽ سهولتن جي موجودگي کانپوءِ ڇا ٿيندو آهي؟
ان جو جواب آهي، سُڪون ۽ خوشي.
جي ها انسان پنهنجي زندگي ۾ جيڪا به محنت ڪري ٿو جياپي لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙي ٿو اهو صرف ۽ صرف سڪون جي ڳولا ۽ خوشي جي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ڪري ٿو.
اڄ جي دور ۾ محنت ڪرڻ يا زندگي کي سهولتن سان ڀري ڇڏڻ ڀلا ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟ آن لائين مارڪيٽنگ سميت اهڙا ڪيترائي ڪاروبار متعارف ٿي چڪا آهن جيڪي گهر ويٺي ڪري يا ٿوري محنت سان ڪري گهڻو ناڻو ڪمائي زندگي خوش گذاري سگهجي ٿي، پر ان جي لاءِ به ڪنهن شروعات ۽ لڳاتار مستقل مزاجي جي ضرورت آهي، ڇو ته خيال ته سڀ ڪنهن جي ذهن ۾ سُٺا ئي هوندا آهن سُٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي سُٺن خيالن جي تعبير ڪري.
تازو هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته سبزين ۽ فروٽن جي کائڻ سان گڏ جيڪڏهن ورزش ڪرڻ جي عادت انسان پنهنجي زندگي ۾ معمول بڻائي ته ان جي خوشي واري احساس ۾ واڌ ٿيندي.
ان تحقيق جي لاءِ طرز زندگي جي عنصر ۽ خوشي جي وچ ۾ تعلق جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ۽ ڏٺو ويو ته فروٽ، سبزيون ۽ ورزش گڏجي ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
تحقيق مان اها به خبر پئي آهي ته مرد گهڻي ورزش ڪندا آهن جڏهن ته عورتون وري فروٽ ۽ سبزيون گهڻيون کائينديون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊگهي عرصي جي مقصدن لاءِ روين ۾ تبديلي آڻڻ صحتمند طرز زندگي کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته سٺي طرز زندگي اسان کي صحتمند رهڻ سان گڏ خوش باش به بڻائيندي آهي.
صحت ۽ کاڌ خوراڪ جي ماهرن مشورو ڏنو ته سبزيون ۽ فروٽ کائي پنهنجو پاڻ ۾ خوشي جو احساس وڌايو ان سان گڏ ورزش کي به معمول بڻايو ڇو ته سبزيون ۽ فروٽ خوشي جي احساس ۾ واڌ جو سبب آهن ۽ ورزش انهن کي اڃا وڌائي ڇڏي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔