ورلڊ ڪپ وارم اپ مرحلو: ڀارت هٿان آسٽريليا کي شڪست

دبئي : ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ ڀارت آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون.
ڪينگروز طرفان اسٽيون سمٿ 57، مارڪس اسٽوئنس 41 ۽ گلين ميڪسويل 37 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته ڀارت طرفان ايشون 2، ڀونيشور ڪمار، جديجا ۽ راهول چاهر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 17.5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، روهت شرما 60 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته راهول 39 ۽ سورياڪمار يادو 38 رنسون ٺاهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔