فيس بوڪ جو نالو مٽائڻ جو فيصلو، نئون نالو ڪهڙو هوندو؟

فيس بوڪ پنهنجي ڪمپني جو نالو مٽائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي ته جيئن ميٽاورس جي تعمير تي پنهنجو ڌيان ڏئي سگهي.
ان معاملي تي سڌي ريت ڄاڻ رکڻ واري هڪ ذريعي موجب فيس بوڪ جو سربراهه مارڪ زڪربرگ 28 آڪٽوبر تي ڪمپني جي سالياني ڪنيڪٽ ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پر هو ان جو اعلان ان کان اڳ به ڪري سگهي ٿو جنهن جو مطلب آهي ته ڪمپني جي خواهش آهي ته سوشل ميڊيا جي نالي سان اڳتي وڌي ان جي سڃاڻ بڻجي.
ان ري برانڊنگ کانپوءِ امڪاني طور تي بِلو رنگ جي فيس بوڪ ايپ کي به ڪمپني جي ملڪيت ۾ موجود انسٽاگرام، واٽس ايپ، اولڪس ۽ ٻين وانگر هڪ ايپ جيان هڪ سب برانڊ طور پيش ڪيو وڃي.
دي ورج موجب فيس بوڪ جي ترجمان ان خبر تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
فيس بوڪ وٽ اڳواٽ ئي 10 هزار کان مٿي ملازم اي آر گلاسز جهڙي هارڊ ويئر تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو مارڪ رڪربرگ جي خيال ۾ آخر ڪار هر سمارٽ فون جيان هر جاءِ تي هوندو.
جولاءِ ۾ مارڪ زڪربرگ دي ورج کي ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان سُٺي طريقي سان رڳو سوشل ميڊيا ڪمپني جي تاثر کي ختم ڪري هڪ ميٽاورس ڪمپني هجڻ جي سڃاڻ قائم ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔