اعظم سواتي جي استدعا رد، اليڪشن ڪميشن طرفان ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي سنگين الزامن واري مامري تي وفاقي وزير، اعظم سواتي 26 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آھي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اعظم سواتي جي اليڪشن ڪميشن تي الزامن جي ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني ۽ شاھ محمود جتوئي تي ٻڌل بينچ ڪئي

 اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران اعظم سواتي غير حاضر رھيو، وفاقي وزير جو وڪيل پيش ٿيو، اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس 26 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آھي

ياد رھي تھ اعظم خان  سواتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام عائد ڪندي چيو ھو تھ اليڪشن ڪميشن جي جمھوريت لاءِ ڪي خدمتون ناھن، اھڙي اداري کي باھ ڏيڻ گھرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔