خورشيد شاهه جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت منظور، اِي سِي ايل ۾ نالو برقرار رکڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، پر سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل رکڻ جو حڪم به ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪندي هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته خورشيد شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ برقرار رهندو، خورشيد شاهه کي نالو ڪڍرائڻ لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته خورشيد شاهه کي وڌيڪ قيد ۾ رکڻ جو جواز نظر نه ٿو اچي، نيب خورشيد شاهه خلاف پنهنجي جاچ جاري رکي. نيب پاران خورشيد شاهه کي نومبر 2019 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔