رپئي جو ملهه ڪرڻ سان سمنڊ پار پاڪستانين کي فائدو ٿيو آهي:گورنر اسٽيٽ بينڪ

مانچسٽر :اسٽيٽ بينڪ جَي گورنر رضا باقر چيو آهي ته رپئي جو ملهه ڪرڻ سان سمنڊ پار پاڪستانين کي فائدو ٿيو آهي، ڊالر مهانگو ٿيڻ سان پاڪستانين کي پهچندڙ فائدو به نظر ۾ رکيو وڃي

مانچسٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران رضا باقر چيو ته گذريل مالي سال جي ڊي پي گروٿ تقريبن چار سيڪڙو رهي، جنهن جو مطلب آهي ته مهانگائي جي مقابلي ۾ عوام جي آمدني ۾ 4 سيڪڙو اضافو ٿيو

ھن چيو تھ پاڪستان آءِ ايم ايف جِي ڪا اهڙي شرط قبول نه ڪندو، جنهن سان مهانگائي ۾ اضافو ٿئي، ڊالر ۽ رپئي جي ملھ متعلق رضا باقر چيو تھ رپئي جو ملھ ڪرڻ سان سمنڊ پار پاڪستانين کي فائدو پھتو آھي، ان فائدي کي بھ نظر ۾ رکيو وڃي تھ ڪيترن ماڻھن فائدو ورتو آھي.

گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو آھي تھ پاڪستان ٻين ملڪن کان بھ سي پيڪ طرز جو معاھدو ڪري سگھي ٿو، ھن چيو تھ گذريل مالي سال جي ڊي پي گروٿ تقريبن 4 سيڪڙو رھي ۽ 4 سيڪڙو ريئل جي ڊي پي جو مطلب آھي تھ مھانگائي جي مقابلي ۾ عوام جي آمدني ۾ بھ 4 سيڪڙو اضافو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔