نظر لاءِ فائديمند ڀاڄيون

اسان جي روز مرا جي عادتن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ غذائيت جي کوٽ سان نظر جي ڪمزوري ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي.
نظر کي تيز ۽ طاقتور رکڻ جي لاءِ سايون سبزيون کائڻ تمام ضروري آهي.
هارورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ واقع برگهم اينڊ وومن هاسپيٽل جي سائنسدانن موجب سائي ڀاڄين ۾ نائٽريٽ جو وڏو مقدار هوندو آهي جيڪو نظر کسڻ واري لاعلاج مرض اوپن اينگل گلوڪوما جي خدشي کي 30 سيڪڙو گهٽائيندو آهي.
ماهرن موجب سائي پنن واريون ڀاڄيون جسم ۾ رت جي دوري کي بهتر ۽ اکين جي خوبصورتي ۽ نظر کي بحال رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.
سائي پنن واري سبزين جي استعمال سان گڏوگڏ ڳاڙهي گجرن جو استعمال به نظر کي ڪمزور بڻائڻ کان محفوظ رکندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گجرن ۾ بيٽا ڪيروٽين وڏي مقدار ۾ موجود هوندو آهي، جيڪو آنڊن جي مرضن ۽ انفيڪشن کان بچائيندو آهي، ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ به گجرن جو استعمال وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
انکانسواءِ گجرن جو استعمال معدي جي السر لاءِ به وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
گجرن ۾ موجود وٽامن اي، اِي ۽ سي چهري جي خوبصورتي کي برقرار رکنديون آهن ۽ چمڙي کي به رونق ڏينديون آهن.
گجرن جي جوس جو لڳاتار استعمال نَنهن، وارن، ڏندن ۽ هڏن لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته روز گجرن جو جوس پيئڻ سان نه رڳو جگر جو نظام بهتر ٿيندو آهي پر ڪينسر جون ڳوڙهيون به وڌڻ کان رڪجي وينديون آهن.
اهو ئي سبب آهي جو وڏڙا چئي ويا آهن ته گجر چوندي آهي ته مونکي استعمال ڪيو مان توهان کي نظر جي چشمو لهرائي ڇڏينديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔