عوام جا سُور وڌائڻ جون تياريون، وري بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست

اسلام آباد : سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏني ڇڏي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سينٽر پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي 2 رپيا 65 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي جيڪا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
سي پي پي اي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيپٽمبر ۾ پاڻي مان 36.2 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 17.05 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي جڏهن ته مهانگي فرنس آئل مان پيدا ڪيل بجلي جي لاڳت 19 روپيا 23 پيسا في يونٽ رهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مقامي گيس مان 8.9 سيڪڙو ۽ درآمدگي ايل اين جي مان 18.9 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تي ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ حڪومت بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 68 پيسا واڌ ڪئي هئي ۽ پيٽرول شين جي اگهن ۾ 12 رپين کان مٿي جي واڌ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔