ڇوڪرين کي پڙهڻ ڏيو: ملالا جو طالبان جي نالي کليل خط

نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسف زئي عورتن ۽ انساني حقن جي حوالي سان طالبان کي کليل خط لکي ڇچيو آهي ته طالبان ڇوڪرين جا سيڪنڊري اسڪول جلد ٻيهر کولين. مسلمان دنيا جا اڳواڻ طالبان کي ٻڌائين ته اسلام ڇوڪرين کي تعليم پرائڻ کان نٿو روڪي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب ملالا يوسف زئي ۽ افغان عورتن جي حقن جي ڪارڪنن طالبان جي نالي کليل خط لکي افغان ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ ملالا يوسف زئي جو چون آهي ته طالبان اختياريون ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي ختم ڪن ۽ انهن جا ٻيهر اسڪول کولين. خط م افغان انساني حقن جي سربراهه شهرزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته ڇوڪرين کي تعليم کان روڪڻ وارو افغانستان دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي. خط ۾ جي 20 ملڪن جي سربراهن کان افغان ٻارن جي تعليم لاءِ فوري فنڊز جاري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. خابرو ايجنسي موجب طالبان جي نالي کليل خط سان لڳايل پٽيشن تي هيل تائين 6 لک 40 هزار کان وڌيڪ صحيحون ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔