ڀاڻيجي ڄمڻ جي خوشي: مامـَي ماڻهن ۾ مفت پيٽرول ورهايو

ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ هڪ پيٽرول پمپ جي مالڪ ڀاڻيجي ڄمڻ جو اطلاع ملڻ تي ماڻهن ۾ مفت پيٽرول ورهائڻ جو اعلان ڪيو. بيتول ضلعي ۾ پمپ جي مالڪ ديپڪ سيناڻي جي معذور ڀيڻ سکا پوروال کي ٻارڙي ڄائي ته هو ڀاڻيجي جي ڄمڻ تي ايڏو خوش ٿيو جو هن اها خوشي پنهنجن گراهڪن سان به ونڊڻ جو فيصلو ڪيو. ديپڪ سيناڻي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مفت پيٽرول ورهائڻ وارو خيال جڏهن دل ۾ آيو ته پهريون اهو سوچيو ته ماڻهو متان اهو سمجهن ته مان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي پيٽرول پمپ جي مشهوري لاءِ ڪري رهيو آهيان. پر پوءِ مون ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ديپڪ ٻڌايو ته هن صبح جي وقت 9 کان 11 وڳي تائين ۽ شام جي وقت 5 کان 7 وڳي دوران پيٽرول ڀرائڻ لاءِ ايندڙ گراهڪن کي 5 کان 10 سيڪڙو اضافي پيٽرول ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ديپڪ 100 روپين جو پيٽرول خريد ڪندڙ گراهڪن کي 5 سيڪڙو واڌو مفت پيٽرول ڏنو ۽ 200 کان 500 روپين تائين جو تيل ڀرائيندڙن کي 10 سيڪڙو واڌو مفت پيٽرول ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔