والاريل ڪشمير ۾ وحشت جون تياريون، ڳجهين ايجنسين جا ماهر مقرر

سري نگر: ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ آپريشن جي نالي تي ڳجهي ايجنسين جا ماهر مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پونڇ ۽ راجوري ۾ قابض ڀارتي فورسز جو آپريشن لڳاتار 9 ڏينهن به جاري رهيو.
ڪي ايم سي ٻڌايو ته ڀارتي گهرو وزارت والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪارن جي مدد جي لاءِ سينٽرل ريزرو پوليس فورس، اين آءِ اي ۽ انٽيلي جنس بيور سميت ٻيون پيرا ملٽري فورسز ۽ ڳجهي ايجنسين جي ماهرن کي مقرر ڪيو آهي.
ڪشميري ميڊيا موجب سينٽرل آرمڊ پوليس فورسز جا اعليٰ عهديدار ۽ انٽيلي جنس ماهر والاريل ڪشمير ۾ فوجي ڪارواين ۾ مدد جي لاءِ موجود آهن، تنهن هوندي به هاڻي نيشنل سيڪيورٽي گارڊز جا نام نهاد دهشتگردي جي روڪٿام جا ماهر به ڪارواين ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪارن جي مدد لاءِ وادي ۾ پهچي چڪا آهن.
ٻئي پاسي وادي ۾ هر هنڌ سيڪيوٽي جي نالي تي ناڪا ۽ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي.
واضح رهي ته پلواما ۾ ڪجهه ڏينهن اندر 28 ڪشميرين جا عدالتن کان مٿانهان قتل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔