وزيراعظم عمران خان ملڪ جي معيشت ۽ مهانگائي بابت اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ملڪ جي معيشت ۽ وڌندڙ مهانگائي تي اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. عوامي پريشانين جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي تي مشورا ڪيا ويندا. وزيرن کي صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه سان ملي قدمن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون وينديون.
اجلاس ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي اهم فيصلن جا امڪان آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ عوامي رد عمل کان پوءِ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي لاڳاپيل اختيارين کي بريف ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اهم عهديدار شرڪت ڪندا. وزيراعظم وزيرن کي مهانگائي جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪندو. واضح رهي ته سموري ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ کان پوءِ عوام ۽ اپوزيشن طرفان سخت رد عمل سامهون آيو آهي ان کان اڳ بجلي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو هو.
ٻئي طرف پاڪستاني ڪرنسي ڊالر جي مقابلي ۾ لاڳيتو دٻاءُ جو شڪار آهي. ڊالر جي قيمت به تاريخ بلند ترين سطح 173 روپين تي پهچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔