بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي پٽ جو نالو مير حاڪم محمود چوڌري رکي ڇڏيو

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي نئين ڄاول پٽ جو نالو رکي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي رکيل پوسٽ ۾ بختاور ڀٽو ڄاڻايو ته هن پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي مامي ۽ پنهنجي ڏاڏي جي نسبت سان مير حاڪم محمود چوڌري رکيو آهي.
بختاور پاران پٽ جي پيدائش جي علان کانپوءِ ئي ماڻهن کي هن جي پٽ جي پهرين جهلڪ جو انتظار آهي پر اڃان تائين خاندان پاران ڪا تصوير جاري نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔