مڱيرن جا انساني صحت لاءِ جادوئي فائدا

گهڻي قدر ماڻهو مڱيرن کي ٿڌ جي موسم ۾ رات جي وقت کائڻ پسند ڪندا آهن پر حقيقت ۾ انهن جي کائڻ سان توهان جي صحت تي جادوئي اثر به پوندا آهن.
هڪ مُٺ مڱيرن جي کائڻ سان توهان کي ڪيترن ئي شين جي غذا جيترو فائدو ڏيندو آهي، ماهر چون ٿا ته ڪجهه اهڙن ذائقن سان لطف اندوز ٿيڻ ۽ حيرت انگيز فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڱيرن کي لازمي طور پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪيو.
100 گرام مڱيرن ۾ لڳ ڀڳ 25 کان 25.8 گرام پروٽين هوندي آهي، پروٽين انساني جسم جي لاءِ ضروري آهي ۽ مڱيرن کي محدود مقدار ۾کائڻ سان توهان کي ججهي مقدار ۾پروٽين ملندي آهي.
انکانسواءِ مڱيرن ۾ چرٻي جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي جنهن جي ڪري اسان کي وزن گهٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي جڏهن ته ان جو حد جي اندر کائڻ توهانکي دل جي بيمارين ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مدد ڪري سگهي ٿو.
مڱيرا هڪ گهٽ گليسيمڪ خوراڪ آهي جيڪا ذيابطيس واري مريضن جي لاءِ تمام سُٺي آهي، گليسيمڪ انڊيڪس بلڊ شوگر ليور تي کاڌي جي اثرن کي بيان ڪندي آهي جڏهن ذيابطيس جا مريض پنهنجي خوراڪ ۾ مڱيرن کي محدود مقدار ۾استعمال ڪري سگهن ٿا.
مڱيرا ڪيترن ئي غذائي شين سان ڀرپور هوندا آهن، اهي توهان کي پروٽين، اوميگا3، اوميگا6، فائبر، تانبا، فوليٽ، وٽامن اِي، ٿامين، فاسفورس ۽ ميگنيشيم پيش ڪري سگهي ٿي ۽ اها توهان کي گڏوگڏ ڪيتريون ئي شيون فراهم ڪري سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔