پي آءِ اي آپريشن بحال ڪيو، افغان اختيارين جي اپيل

ڪابل: افغانستان جي اعليٰ اختيارين پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آءِ اي سان رابطو ڪري فلائيٽ آپريشن بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ذريعن موجب افغان حڪومت پي آءِ اي انتظاميا جا خدشا ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، افغان اختيارين چيو ته پي آءِ اي ڏکين حالتن ۾ افغانستان جو فضائي آپريشن جاري رکيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي 50 سيڪڙو گھٽ مسافرن سان فلائيٽ آپريشن جاري رکيو ۽ ڪرائي ۾ گھٽتائي جي مطالبي بعد افغانستان جو هوائي آپريشن معطل ڪيو هو.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته افغانستان جي مٽجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي 3 هزار جي ويجهو ماڻهو افغانستان مان نڪتا. پي آءِ اي طالبان جي ٽيڪ اوور کان پوءِ به خصوصي آپرشن ڪيو پي آءِ اي گڏيل قومن، عالمي بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ صحافين کي ڪڍيو.

پي آءِ اي موجب ڪپتان ۽ حياتيون خطري ۾ وجهي به افغانستان مان انخلا جي عمل کي مڪمل ڪيو ۽ ڏکين حالتن باوجود ڪابل لاءِ آپريسن جاري رکيو.

پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پي آءِ اي انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان کان اڏامون هلايون. پي آءِ اي جون اڏامون عارضي طور تي معطل آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ اسان جي سفير اعليٰ اختيارين سان معاملو اٿاريندا.

افغانستان ۾ پي آءِ اي فلائيٽس جي حوالي سان ٽيڪنيڪل ۽ ٻيا مسئلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔