وفاقي حڪومت پاران 19 آڪٽوبر تي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول 19 آڪٽوبر اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪيبنيٽ ڊويزن طرفان 12 ربيع الاول 19 آڪٽوبر اڱاري ڏينهن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ملڪ ۾ عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته سنڌ جي گھرو کاتي طرفان اڳ ئي 12 ربيع الاول جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو.

سنڌ ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

عورتن، ٻارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ صحافين تي ڊبل سواري تي پابندي لڳو نه ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔