هاڻ ڪوڙي ۽ سچي خبر جو فرق ڪرڻ ڏکيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گھڻا يوٽيوبرز سمجهن ٿا ته هو ڪجهه به ڪن پر هنن جي پڪڙ نه ٿيڻ گھرجي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته خبر ڏيندرن جي ٽريننگ ٿيڻ گھرجي ته اصلي خبر ڇا آهي ۽ جعلي خبر ڇا آهي، خبرون ڦهلائڻ جي ٽيڪنالوجي گھڻي وڌي وئي آهي، گذريل دور ۾ خبر ملڻ ڏکيو هو، هاڻ ڪوڙي سچي خبر جو فرق ڪرڻ ڏکيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي ميڊيا مينار پاڪستان واقعي کان پوءِ پاڪستان معاشري تي تنقيد ڪئي، ڀارتي چينل تي ٻڌايو ويو ته پاڪستان عورتن لاءِ ڪيترو غير محفوظ آهي، مينار پاڪستان واقعي کان پوءِ پاڪستان جي خلاف دنيا ۾ غلط تاثر پکڙيو.

سندس چوڻ هو ته ميڊيا ۾ فيڪ نيوز تي ايترو بحث نه آهي جيترو هجڻ گھرجي، گھڻا يوٽيوبرز اهو سمجهن ٿا ته هو ڪجهه به ڪن پڪڙ نه ٿيڻ گھرجي، گڏيل قومن کي اظهار جي آزادي لاءِ رول آف گيم بڻائڻو پوندو.

وفاقي وزير چيو ته هڪ ذميوار ميڊيا ئي آزاد ميڊيا هوندي آهي، فيڪ نيوز جو حل ميڊيا اندران ئي اچڻ گھرجي، فيڪ نيوز کي سمجهڻ گھڻو ضروري آهي، خبر ڏيڻ لاءِ فيڪ نيوز ۽ تصديق ٿيل خبر کي سمجهڻ گھڻو ضروري آهي.

هن چيو ته هندستان ويب نيوز جو هڪ نيٽورڪ بڻايو جيڪو اتان جي ميڊيا سان سلهاڙيل آهي، هندستان جي ويب نيوز پاڪستان جي خلاف جعلي خبرون ٺاهينديون آهن، نور مقدم قتل ڪيس تي هڪ ڀارتي چينل 175 وڊيوز لڳايون، اسان گھڻو ويجهو کان ڏسندا آهيون ته خبر کي ڪٿان پيش ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔