ملڪ ۾ نئين گيس ڪنيڪشن تي پابندي لڳائي رهيا آهيون: حماد اظهر

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين گيس ڪنيڪشن تي پابندي لڳائي رهيا آهيون.

وفاقي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته حڪومت ۽ عوام ماضي جي حڪمرانن جي غلطين جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهن، ماضي ۾ بجلي جا مهانگا معاهدا ڪيا ويا، گردشي قرضن جو بار عوام ۽ حڪومت برداشت ڪري رهيا آهن، بجلي گھرن جي مسواڙ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسان کي بجلي گھرن جي مسواڙ ڏيڻي آهي.

حماد اظهر چيو ته ملڪ جي گردشتي قرضن جو بار عوام کڻي رهيو آهي، اهي گردشي قرض بجلي گهرن جي ڪيپيسٽي پيمينٽس سبب آهن، 2013ع ۾ 185 ارب ڪيپيسٽي پيمينٽس هئي جيڪا هاڻ 700، 800 ارب ٿي چڪي آهي، ۽ انهن گردشي قرضن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي ۽ اها 2030ع تائين 2500 کان 3000 تائين هلي ويندي، 6 هزار کان 10 ميگا واٽ بجلي جي واڌ ٿيندي ويندي، ۽ مهانگي بجلي لڳائڻ جو نتيجو اسان کي ڀوڳڻو پوندو.

هن چيو ته اسان کي ماضي جي مهانگن وياجن سبب ٽيرف وڌائڻو پئجي رهيو آهي، بجلي جو ٽيرف 1 رپيو 39 پيسا وڌائي رهيا آهيون، نيپرا کي ٽيرف وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي، 200 يونٽ استعمال ڪندڙ گھريلو واهپيدارن تي نئون ٽيرف لاڳو نه ٿيندو، انڊسٽري تي ان جي واڌ جو بار نه پوندو .

سندس چوڻ هو ته سڀ پراجيڪٽس ن ليگ ۽ پ پ جي دور ۾ لڳايا ويا آهن، تحريڪ انصاف بجلي جو ڪو به معاهدو نه ڪيو، اسان بجلي جي کيپ وڌائڻ لاءِ صنعتي پيڪيج متعارف ڪرايو، هن سال سياري جي موسم لاءِ سيزنل ٽيرف متعارف ڪرايو آهي، رڪوري ۽ لاسز ۾ ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سرڪيولر ڊيٽ وڌڻ جي شرح 150 ارب ٿي وئي آهي، سڄي ملڪ ۾ نئين گيس ڪنيڪشن تي پابندي لڳائي رهيا آهيون، هاڻ ڪنهن به وزير يا سيڪريٽري جي آفيس ۾ ويهي بجلي گھر لڳائڻ جو فيصلو نه ٿيندو، سي سي آءِ ڊگھي مدي وارو معاهدو منظور ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔