ڪراچي مان مبينا اغوا ٿي ويل ناري موهن جو دڙو ڀرسان بازياب

موهن جو دڙو (رپورٽر) ڪراچي مان ٻه هفتا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان ناري کي فتح پور ۽ موهن جو دڙو ايئرپورٽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي

فتح پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد ٻٽ ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي پوليس ڪراچي جي ايسٽ ضلعي جي اڍائي نمبر جي رهواسڻ عائشه آرائين کي بازياب ڪرائي ورتو، فتح پور پوليس موجب، اسان کي اي سي ڏوڪري پاران حڪم مليو ته اسان هڪ ڳوٺ خير محمد ٻٽ جي رهواسي ڳوٺاڻي سليم ٻٽ جي گهر تي وومين پوليس ساڻ ڪري ڇاپو هنيو جنهن دوران نوجوان ناري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ بيان لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.

پوليس موجب ناري اردو ڳالهائيندڙ آهي ۽ ڪراچي جي ايسٽ ضلعي جي اڍائي نمبر جي رهواسڻ آهي جيڪا تقريبن ٻه هفتا اڳ ڪراچي مان گم ٿي وئي هئي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري کي ويف جي پليٽفارم تان نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو آهي

وومين ايڪشن فورم جي سينئر ممبر رخسان پريت ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته اسان کي ڪجهه نامعلوم نمبر تان ميسيجز آيا جن ڇوڪري جي باري ۾ ٻڌايو ته هو ننڊي عمر جي آهي ۽ ان کي هتي ڪجهه ماڻهن پاران ڪراچي مان اغوا ڪري آندو ويو آهي جنهن کي هتان ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن تي اسان فورن ايڪشن وٺي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان رابطو ڪيو جن بروقت نوٽيس وٺي اي سي ڏوڪري ۽ پوليس معرفت ناري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي اڄ لاڙڪاڻي جي هڪ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔