برطانوي پارليامينٽ ميمبر قاتلاني حملي ۾ مارجي ويو

لنڊن: برطانيا جي حڪمران جماعت سان واسطو رکندڙ پارليامينت ميمبر سر ڊيوڊ اميس قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو، هن تي تڪ جي دوري دوران ان وقت چاقو سان حملو ڪيو ويو جڏهن هو چرچ ۾ هو، چاقو سان ڪيل حملي سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حملي ۾ مارجي ويل برطانيا جو 69 ورهين جو پارليامينٽ ميمبر سر ڊيوڊ ايمس ڪنزرويٽو پارليامينٽ ميمبر هو، پوليس اطلاع ملڻ تي حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سر ڊيوڊ ايمس تي جنهن وقت حملو ٿيو ان وقت هو ميٿوڊسٽ چرچ ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان ملي رهيو هو.
برطانوي پارليامينٽ ميمبر سر ڊيوڊ ايمس اوڀر انگلينڊ جي علائقي سائوٿ اينڊ جي نمائندگي ڪري رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔