”مٽرن“ ۾ خطرناڪ بيمارين کان بچائيندڙ لڪل فائدا

هونئن ته مٽر ڏسڻ ۾ تمام ننڍا ئي هوندا آهن پر جيڪڏهن انهن جي فائدن جي ڳالهه ڪجي ته هڪ مُٺ ۾ ايندڙ مٽرن ۾ ايتري ته غذا هوندي آهي جيڪا صحت جي هڪ نه پر ڪيترن ئي مسئلن مان جان ڇڏائي سگهي ٿي.
مٽرن ۾ ميگنيشيم، وٽامن ڪي، اَي، سي ۽ بي وٽامنز موجود هونديون آهن.
پروٽين جو ڀرپور مقدار
مٽر هڪ سستي ۽ سولائي سان ملندڙ سبزي آهي پر اها سبزي پنهنجي کائيندڙ جي پروٽين جي مقدار ۾ وڏي واڌ ڪندي آهي.
اڌ ڪوپ مٽرن ۾ لڳ ڀڳ چار گرام پروٽين هوندي آهي.
ان ۾ شامل امينو ايسڊ جيڪي پروٽين ٺاهيندا آهن اهي عضون ۽ هڏن کي طاقت ڏيندا آهن ۽ هارمون ۽ انزائم ڍانچي کانسواءِ چمڙي جي خوبصورتي ۽ واڌ ويجهه لاءِ به فائديمند آهن.
اکين ۽ نظر جي لاءِ بهترين
اڌ ڪوپ مٽرن ۾ وٽامن اي گهڻي مقدار ۾ موجود هوندي آهي جيڪا اکين جي سُٺي نظر جي لاءِ بهترين آهي.
مٽرن جو استعمال ڪارنيا کي صاف ڪرڻ جي لاءِ به سٺو ثابت ٿيندو آهي.
هاضمي جو نظام دست ٿيندو آهي
مٽرن جي استعمال سان هاضمي جي نظام ۾ بهتري ايندي آهي، مٽرن ۾ اهڙو ته ريشو موجود هوندو آهي جيڪو گذرندڙ ضايع ٿيندڙ مواد کي تيز ڪري قبضي ۾ آساني سولائي پيدا ڪندو آهي.
مٽر کي آنڊن جي سينڊروم جهڙي مرض کي گهٽائڻ جي لاءِ به ڳنڍيو ويندو آهي جيڪڏهن ڪو شخص ان مرض ۾ مبتلا آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪوپ جو ٽيون حصو مٽرن جو پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ ضرورت ۽ بهتر آهي.
ڪينسر جي خطرن ۾ گهٽتائي
مٽرن ۾ وٽامن ڪي جو به ججهو مقدار موجود هوندو آهي جنهن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر سان وڙهڻ جي صلاحيت هوندي آهي.
مٽر ۾ اهڙا جز به آهن جيڪي واڌ ويجهه کي روڪي سگهن ٿا.
شگر جي مريضن لاءِ فائدا
مٽر بلڊ شگر کي برقرار رکڻ ۾ به وڏي مدد فراهم ڪندو آهي جيڪو شگر جي مرض کي قابو ۾ رکڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ شگر جي خطرن کي به گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
وزن متوازن رکڻ جو فائدو
مٽر ۾ چرٻي گهٽ هوندي آهي.
هڪ ڪوپ ۾ سئو ڪيليوريز هونديون آهن جڏهن ته وڏي مقدار ۾ پروٽين، فائبر ۽ مائيڪر نيوٽريئنٽس موجود هوندا آهن.
مٽرن جي استعمال سان نه ئي وزن گهڻو وڌندو آهي ۽ نه ئي وري گهٽ ٿيندو آهي پر ان ۾ توازن برقرار رهندو آهي.
هڏا مضبوط بڻائڻ جا فائدا
رڳو هڪ ڪوپ مٽر ۾ 44 سيڪڙو وٽامن ڪي موجود هوندي آهي جيڪا هڏين ۾ ڪيلشيم گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي، انکانسواءِ ان ۾ موجود وٽامن بي به ڪيترن ئي بيمارين جي خطرن کان بچائيندي آهي.
مٽرن جا چمڙي لاءِ فائدا
مٽر کائڻ کانسواءِ منهن تي لڳائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجن ٿا، جنهن جا پنهنجي نوعيت ۾ انيڪ فائدا آهن.
مٽرن کي سڪائڻ کانپوءِ پيسي، ان جي بڻيل اٽي جو ابٽن ٺاهي چهري تي لڳائڻ سان چهري تان داغ ڌٻا ختم ٿي ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔