آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي جج فيصلو محفوظ ڪري ورتو تنهن هوندي به هو 20 آڪٽوبر تائين جيل ۾ ئي رهندو.
ممبئي ۾ آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻنهي پاسن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جج وي وي پاٽل فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
هن چيو ته آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 20 آڪٽوبر تي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس، ان وقت تائين هو جيل ۾ ئي رهندو.
ان کان اڳ آريان خان جي وڪيل اميت ڊيسائي دليل ڏيندي چيو ته واٽس ايپ گفتگو ايڪسٽرا جوڊيشل آهي، اهو تمام ڪمزور ثبوت آهي.
هن چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت جي لاءِ دستيابي جي شرط تي ضمانت ڏيڻ هڪ مناسب قدم هوندو، اهڙي نوعيت جي معاملي ۾ ڪنهن به ڇوڪري کان آزادي کسي نٿي سگهجي.
اميد ڊيسائي پنهنجي ڳالهيون ان موضوع تي ختم ڪيون ته ڪيتريون ئي شيون پوءِ ڏٺيون وينديون، اسان آزادي نه پر ضمانت جي مرحلي ۾ آهيون ۽ آريان خان جو ڪو به اڳ ۾ ڏوهاري رڪارڊ ناهي.
اميت ڊيسائي ٻڌڻي دوران عالمي منشيات فروشي وارو الزام ڪُڌو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو ڇوڪرو ائين ڪري سگهي ٿو؟ اهي چون ٿا اسان پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهيون، سٺي ڳالهه آهي، توهان ان کي به جاري رکو، پر اهو الزام پنهنجي بنياد ۾ هڪ ڪُڌو ۽ ڪوڙو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔