ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين: بابر اعظم

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڀارت خلاف ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ مومنٽم کي برقرار رکنداسين ۽ ورلڊ ڪپ کٽينداسين.
ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ بابر اعظم چيو ته ڀارت خلاف هڪ الڳ ئي دٻاءُ وارو مقابلو هوندو آهي، ماضي ۾ ڇا ٿيو، ان تي ڌيان ڏيڻ بدران ڀارت کي شڪست ڏئي وري تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته خوشي آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهيان، رضوان ۽ منهنجو نالو بار بار اچي رهيو آهي، قوم کي اسان مان اميدون آهن، اسان بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔