باغ ۾ رکيل 2 مجسما 5 هزارسال قديم مصري نوادرات نڪتا

لنڊن: باغ ۾ رکيل 2 مجسما 5 هزارسال قديم مصري نوادرات نڪتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي هڪ باغ ۾ رکيل 2 مجسما 5 هزار سال پراڻا ڄاڻايا ويا آهن،
اهي قديم مجسما ڪيترن ئي سالن کان ان باغ ۾ رکيل هئا جڏهن ته اهي مجسما قديم نوادرات قرار ڏيڻ بعد ساڍا 5 ڪروڙ رپين جا ٻڌايا ويا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته قديمي مجسما عظيم مصري مصور ابو الهول جا تراشيل آهن، ابو الهو جو مجسمو هن وقت قاهرا جي مشهور ميدان ابراهم ۾ موجود آهي. ماهرن موجب اهي ٻئي مجسما لنڊن جي عجائٻ گهر ۾ نيلامي لاءِ رکيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔