حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 68 پئسا اضافو ڪيو ويو

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سرڪوليشن سمري جي ذريعي بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري توانائي واري وزارت ڏينهن موڪلي وئي هئي.

ٻئي پاسي مهانگائي ۽ غربت جي ماريل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل: اوگرا پيٽرول جو في لٽر 5 رپيا 90 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔