تائيوان ۾ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه، 46 ڄڻا اجل جو شڪار

تائپي: تائيوان ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 46 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
اها باهه تائيوان جي ڏاکڻي شهر ڪائوسينگ جي هڪ 13 ماڙ عمارت ۾ لڳي، جنهن تي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ضابطو آندو ويو.
مقامي اختيارين موجب سڙي فوت ٿيل 40 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين مان 6 ڄڻن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ 50 کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔