جاپاني پارليامينٽ معطل، نئين چونڊن جو اعلان

جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيدا پارليامينٽ معطل ڪري هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيدا جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي انڪري هي موقعو چونڊن جي لاءِ سُٺو آهي.
واضح رهي ته جاپان جي هاڻوڪي پارليامينٽ جو مدو 21 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿي رهيو آهي تنهن هوندي به ڪورونا وبا ۽ ٻين مسئلن جي ڪري نئين اليڪشن جي تاريخ جي اعلان ۾ لڳاتار دير جو سبب بڻبو پئي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔