وزيراعظم اٿارٽي آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪبيون: فواد چوڌري

اسلام آباد: ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي ۾ سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اختيار وزيراعظم کي آهي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سول ملٽري لاڳاپا آئيڊيل آهن، وزير اعظم هائوس ڪوبه اهڙو قدم نه کڻندو جنهن سان فوج يا سپهه سالا جي عزت گهٽ ٿئي پاڪستان جِي فوج يا سپهه سالار به ڪو اهڙو قدم نه کڻندا جنهن سان سول قيادت جي عزت گهٽ ٿئي، رات وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، ٻنهي مشاورت نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي طريقيڪار تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، وزير اعظم وفاقي ڪابينا کي ڊي جي آءِ ايس جِي مقرري مامري تي اعتماد ۾ ورتو، فواد چوڌري موجب وزير اعظم چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسان هڪ پيج تي آهيون، معاملو خوش اصلوبي سان حل ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔