نيب، مريم نواز ۽ صفدر جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ڪراچي؛ قومي احتساب بيورو (نيب) مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. نيب طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت رد ڪرڻ درخواست داخل ڪئي وئي. نيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز ۽ محمد صفدر ضمانت جو غلط استعمال ڪيو ۽ مريم نواز نيب خلاف نفرت واريون تقريرون ڪيون. نيب طرفان اهو به چيو ويو آهي ته نيب لاهور طرفان طلب ڪرڻ تي حملو ڪيو ويو، جوابدارن جو رويو سندن خلاف شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ جو سبب بڻيو. نيب جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ 20 لک ڏنڊ جي سزا ائي ۽ کيس ڪو به عوامي عهدو رکڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو، 6 جولاءِ 2018 تي ڏنل سزا خلاف اپيل اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهي. . نيب درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته 19 سيپٽمبر 2018 ع تي مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطل ڪري ضمانت ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته مريم نواز طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرايل آهي. ٻئي پاسي مريم نواز ملڪ پرويز جي پونيئرن تعزيت بعد چيو ته ملڪ پرويز ڏکئي وقت ۾ به نواز ليگ ۽ نواز شريف سان گڏ رهيو، خراب وقت ۾ به پارٽي سان وفا ڪئي ۽ ساٿ نڀايو، ملڪ پرويز جي لاڏاڻي سان نواز ليگ کي ٿيل نقصان ڀرڻ ڏکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔