پاڪستان ۾ 20 مان 9 ڄڻا بلڊ پريشر جو شڪار

سال 2020ع جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب آبادي جي لحاظ سان دنيا جي پنجين سڀ کان وڏي ملڪ پاڪستان ۾ 46 سيڪڙو کان وڌيڪ شهري هاءِ بلڊ پريش جو شڪار آهن.
پاڪستان هائپرٽينشن ليگ نالي طبي تنظيم موجب هر 20 مان 9 کان به وڌيڪ پاڪستاني هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آهن ۽ اهڙن شهرين ۾ نوجوانن جي شرح وڌي چڪي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊگھي عرصي تائين رت جي دٻاءَ جو گھڻو رهڻ انسان کي دل جي مختلف بيمارين ۽ گڙدن جي مرضن جو شڪار بنائن کان سواءِ هيمرجي ۽ فالج تائين جهڙن طبي نتيجن جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔