جيمز بانڊ 5 ڏينهن ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو

هاليووڊ فلم جيمز بانڊ ”نو ٽائيم ٽو ڊاءِ“ رليز ٿيڻ جي پهرين 5 ڏينهن ۾ 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو.
يونيورسل پڪچرز جو چوڻ آهي ته اداڪار ڊينيل ڪريگ جي آخري جيمز بانڊ فلم برطانيا ۽ آئرش سينيما گهرن ۾ پهرين ڏينهن 5 ملين پائونڊ جو بزنس ڪيو آهي.
ڪورونا وائرس سبب ڪيترائي ڀيرا دير جو شڪار ٿيل فلم کي 30 سيپٽمبر تي رليز ڪيو ويو هو، جڏهن ته 29 سيپٽمبر تي ان جو رنگ برنگي پريميئر ٿيو.
جيمز بانڊ فلم ”نو ٽائيم ٽو ڊاءِ“ جي پريميئر ۾ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن، شهزادي وليم ۽پرنس چارلس شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔