آمريڪا ۽ روس وچ ۾ خلا ۾ پهرين فلم ٺاهڻ جي ڊور شروع

آمريڪا ۽ ورس جي وچ ۾ خلا ۾ پهرين فلم ٺاهن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي.
روسي ٽيم فلم ”The Challenge“ جي شوٽنگ لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن تي روانو ٿي وئي آهي، مشن جي ڪاميابي تي روس خلا ۾ فلم ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو.
فلم ڪريو ٽن ماڻهن تي ٻڌل آهي جنهن ۾روسي اداڪارا يوليا پيريسلڊ، فلم ڊائريڪٽر ڪم شيپينڪو ۽ مشهور روسي خلاباز نورد انٽن شڪيپليروو شامل آهن، اهي ٽئي 12 ڏينهن تائين عالمي خلائي اسٽيشن ۾رهندا ۽ فلم جي شوٽنگ ڪندا.
اها ڪنهن به ملڪ طرفان پهريون ڀيرو خلا ۾ فلم جي شوٽنگ هوندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز خلا ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾هن کي آمريڪي خلائي جاچ اداري ناسا ۽ ايلن مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جو سهڪار حاصل هوندو پر ان کان اڳ ئي روس پنهنجي ٽيم خلاف ۾ روانو ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔