فيس بڪ جي ڏيڍ ارب واهپيدارن جو ڊيٽا چوري، غلط هٿن ۾ لڳڻ جو خدشو

روس جي نشرياتي اداري دعويٰ ڪئي آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ کي هيڪرن طرفان هيڪ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سڄي دنيا ۾ فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جون سروسز متاثر آهن.
ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽن طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنيڪل خرابي کي درست ڪيو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز انتظاميا طرفان سڄي دنيا ۾ پکڙيل پنهنجي سمورن واهپيدارن کا معذرت به طلب ڪئي وئي آهي.
روس جي نشرياتي اداري ان حوالي سان اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فيس بڪ ڏيڍ ارب واهپيدارن جو ڊيٽا وڪرو ڪرڻ لاءِ هيڪرز فورم تي پيش ڪيو آهي.
روسي نشرياتي اداري موجب جيڪا ڊيٽا وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ واهپيدرن جا فون نمبرز، اي ميل، لوڪيشن ۽ يوزر آءِ ڊيز به شامل آهن.
روسي اداري طرفان ڪيل دعويٰ جي في الحال ذريعن وٽان تصديق ناهي ٿي سگھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔