سنڌ ۾ ڊينگي تيزي سان وڌڻ لڳو، 21 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ اندر ڊينگي جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي پئي وڃي.
سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 ڄڻا ڊينگي جو شڪار ٿيا جن مان 8 مريضن جو واسطو ڪراچي سان آهي، هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿيو ويو.
سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي وائرس جا 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن تهڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 8 ڪيس سامهون آيا آهن.
سنڌ اندر سيپٽمبر مهيني ۾ ڊينگي جا 557 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان 371 ڪيسن جو واسطو ڪراچي سان آهي.
هلندڙ سال سنڌ ۾ هن وقت ڊينگي وائرس جا 1922 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي وائرس سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن فوتين مان 4 ڄڻن جو واسطو ڪراچي سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔