اسٽيج جو مشهور مزاحيه اداڪار عمر شريف جرمني جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن: اسٽيج جو بي تاج بادشاهه ۽ مزاحيه اداڪار عمر شريف  جرمني جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. عمر شريف علاج جي لاءِ آمريڪا روانو ٿيو هو پر طبيعت خراب ٿيڻ تي عمر شريف کي جرمني جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. عمر شريف جي خانداني ذريعن اداڪار جي جرمني جي اسپتال ۾ لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب ايشيا جي مزاحيه، ليجنڊ ۽ سموري دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ پاڪستاني فنڪار عمر شريف پنهنجي ڪروڙين مداحن کي اداس ڇڏي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. گيس ڪجهه ڏينهن اڳ علاج جي حوالي سان آمريڪا آندو پئي ويو ته رستي ۾ سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس جرمني جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

آمريڪا ۾ ترسيل ڊاڪٽر طارق شهاب گذريل ڏينهن  عمر شريف جي بيماري بابت نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو هو ته عمر شريف جي دل جا وال ڪمزور ٿي چڪا آهن جنهن سبب رت جي گردش ۾ رڪاوٽ اچي رهي آهي ان ڪري کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پيش اچي رهي آهي.

هن ٻڌايو ته ان تڪليف جو علاج اوپن هارٽ سرجري سان ئي ٿي سگهي ٿو پر عمر شريف جي اڳ ئي هڪ اوپن هارٽ سرجري ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ان جا گردا به ڪمزور آهن. ان ڪري ٻيهر سرجري ڪرڻ سندس لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔