پولو گرائونڊ ريفرنس: آصف زرداري جي بريت خلاف نيب پاران داخل ڪيل اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب پولو گرائونڊ ريفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق سومر تي ٻڌڻي ڪندا.

عدالت 4 اپريل 2019 جي آخري  ٻڌڻي ۾ ڪيس پيپر باڪس طلب ڪيا هئا. اڳوڻي صدر کي احتساب عدالت 28 مئي 2014ع تي باعزت طريقي سان بري ڪيو هو. جنهن کان پوءِ نيب 2014 ۾ ئي احتساب عدالت جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. واضح رهي ته آصف زرداري مٿان سرڪاري خرچ تي وزيراعظم هائوس ۾ پولو گرائونڊ تعمير ڪرائڻ جو الزام هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔