پاڪستان ڊنمارڪ سميت ٻين ملڪن سان مختلف شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ڊينمارڪ سميت ٻين يورپي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. پاڪستان ڊينمارڪ سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب افغانستان جي تازي صورتحال، انساني بنيادن تي امداد وارن قدمن ۾ تعاون تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير خطي جي استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ هر سطح تي پاڪستان سان تعاون بهتر بنائڻ جا ارادا ظاهر ڪيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔