حمزا عباسي عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ جي انتظار ۾، فيصلو پوءِ ڪندو

لاهور: پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي ناليوارو اداڪار حمزا علي عباسي چيو آهي ته هو وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ ئي کيس ٻيهر ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي محمد حمزا نالي واهپيدار اداڪار سان مخاطب ٿيندي لکيو ته توهان عمران خان کي گهڻي سپورٽ ڪندا هيئو، هاڻي ڇا ٿيو آ؟
واهپيدار چيو ته هاڻوڪي حڪومت عوام کي مهانگائي سان ماري وڌو آهي، مهرباني ڪري پنهنجو آواز اٿاريو.
ٽوئيٽر واهپيدار جي سوال جو جواب ڏيني حمزا علي عباسي چيو ته مان ان جي ڪارڪردگي جو جائزو به وٺي رهيو آهيان ۽ ان جي مدي جي ختم ٿيڻ تائين ڏسندس ته مونکي کيس ووٽ ڏيڻ گهرجي يا نه.
حمزا عباسي چيو ته في الحال حڪومت جي ڪارڪردگي 50-50 آهي، ڪجهه شيون تمام گهڻيون سٺيون آهن جيئن پرڏيهي پاليسي پر ڪجهه شيون وري سٺيون ناهن جهڙوڪ مهانگائي.
هن وڌيڪ لکيو ته اڃا حڪومت وٽ 2 سال آهن، ڏسون ٿا انهن ٻن سالن ۾ ڇا ٿو ٿئي.
اهري موقف تي ڪجهه واهپيدار حمزا علي جي حمايت ڪئي ته وري ڪجهه ته مٿس تنقيد ڪرڻ لڳا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔