”چين جي ڀارت کي ڌمڪي، مڙي وڃو نه ته ڪارروائي ڪنداسين“

بيجنگ: چين ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته لداخ ۾ ان جي علائقن تي قبضي جي ڪوشش کان پاسو ڪري نه ته ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا.
عالمي خابرو اداري موجب چين ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته لداخ جي سرحد تي وڌيڪ نفري جي مقرري ۽ چيني علائقن تي قبضي جي ڪوشش کان مڙي وڃي ٻئي صورت ۾ ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا.
چيني پرڏيهي وزارت الزام مڙهيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول ڪراس ڪندي اسان جي علائقي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو امن معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي.
هوڏانهن ڀارت اهڙي الزامن کي رد ڪندي چيو ته چين سرحدن تي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي آهي، جيڪڏهن چين تڪرار ۾ گهٽتائي چاهي ٿو ته پنهنجي فورسز جي چرپر کي مختصر ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔